تعليمي نفسيات

تعليمي نفسيات (Educational Psychology ):تعليمي نفسيات اهو علم آهي، جو تعليم جي عمل کي موثر بنائيندڙ اصولن ۽ ترڪيبن کي ڳولي ٿو. تعليمي نفسيات جي انهيءَ وصف مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ علم جي دلچسپي صرف تعليم جي عمل تائين محدود نه آهي، پر موثر تعليم لاءِ سازگار يا موافق تعليمي فضا به درڪار رهي ٿي. جيڪا بذات خود ڪيترن ئي عوامل جو مرڪب هوندي آهي، تنهنڪري تعليمي نفسيات اهڙن سڀني عوامل جو مطالعو ڪري ٿي جن ۾ شاگرد جي سماجي، ذهني صحت، انهن جا محرڪات، لاڙا، قدر، شخصي صفتون، اهليتون وغيره سڀ شامل هجن.
تعليمي نفسيات هڪ نموني، فرد جي واڌ ويجهه يا نشوونما جو تعليمي ماحول ۾، منظم ۽ مرتب اڀياس آهي، جيڪو شاگرد جي متوازن نشونما جي ذريعي هن کي هڪ ذميوار شهري حساس انسان ۽ تخليقي اهليت وارو فرد تيار ڪرڻ ۾ استاد جي مدد ڪري ٿو. تعليمي نفسيات هڪ اطلاقي (Applied) مضمون آهي، جو تعليم ۽ نفسيات جي ٻن مضمونن کي ملائي ٿو. اهو انساني ڪردار جو ڄڻڪ سائنسي اڀياس آهي، جنهن ذريعي هن کي سمجهيو وڃي ٿو. جڊ (Judd) جي چواڻي ته تعليمي نفسيات انسان جي پيدائش کان وٺي سندس بلوغت تائين جي زندگيءَ جي مختلف دورن ۾ واڌ ويجهه جو سائنسي اڀياس آهي. تعليمي نفسيات جي مضمون جون ڌار ڌار ڏاهن مختلف حالتن هيٺ مختلف وصفون ڏنيون آهن ۽ انهن کي ڌار ڌار دورن ۾ ورهايو آهي .


لفظ تعليمي نفسياتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو